ماسڪو-28 مارچ (اي پي پي)روس جي صدر ولاديمير پيوٽن يوڪرين ک??ن پوءِ يورپ تي حملو ڪرڻ جي منصوبي وارن الزامن کي رد ڪندي اهڙين خبرن کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽور ريجن ۾ فوجي پائليٽن سان هڪ گ??جاڻي دوران هن چيو ??ه ان قسم جي الزامن جو مقصد صرف ۽ صرف يورپ کي خوفزده ڪرڻ ۽ ان جي ڪرندڙ معيشت کي وڌيڪ خراب ڪرڻ آهي، هن چيو ??ه اولهه جي ڌرين کي پاڻ کي ثابت ڪرڻ جي ضرورت آهي، روسي صدر وڌيڪ چيو ته ڌريون يورپي آبا??ي کي خوفزده ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ۽ سڄ?? دنيا تي پنهنجو حڪم هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.