اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته يورپي يونين ۽ دنيا کي افغانستان جي استحڪام جي لاءِ پن??نجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، افغانستان جي موجوده صورتحال ڪنهن الميي کان گهٽ نه آهي، افغانستان بابت اڪانومسٽ جي تازي رپورٽ پريشان ڪندڙ آهي، افغانستان ?? 23 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، ٻار بک سبب فوت ٿي رهيا آهن، اسان دنيا کي افغانستان جي حوالي سان پن??نجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي، افغانستان جي عوام جي مدد لاءِ پوري دنيا کي اڳتي اچ?? گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ?? بلغاريه جي سفير ارينا گانچيوا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ?? امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، افغانستان ?? استحڪام نه ٿيو ته عالمي دهشتگرد تنظيمون افغانستان ?? پن??نجا مرڪز قائم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان دنيا کي افغانستان جي عوام جي مدد جي اپيل ڪئي آهي. بلغاريه افغانستان جي صورتحال ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. چوڌري فواد حسدين چيو ته اسان طالبان حڪومت کي ان وق?? تائين تسليم نه ڪنداسين جيستائين خطي جا ٻيا ملڪ افغان حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن. بلغاريه سان پاڪستان جي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن کي اسان قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. ان موقعي تي بلغاريه افغانستان مان غيرملڪي شهرين ۽ سفارتڪارن جي ا??خل?? جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جو افغان امن عمل ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، بلغاريه افغانستان ?? امن جي ڪوششن ۾ پن??نجو ڪردار ادا ڪندو.