??سل??م آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اپر اورڪزئي ۾ پوليو جي خاتمي جي ٽيم تي حملي جي شديد مذمت ڪندي پوليو جي خاتمي جي ٽيم تي حملي ۾ پوليس ا??لڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پوليس ا??لڪارن بهادري سان وڙهندي 3 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو. هن شهيد پوليس ا??لڪارن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر حملي ۾ زخمي ٿي??دڙ پوليس ا??لڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.