اسلام آباد – 29 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم ??مر??ن خان جي صدارت ?? پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته هو عدليه جي فيصلي جي احترام ڪن ٿا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي پهرين ڏينهن کان سياست جو مقصد انصاف جو علم بلند ڪرڻ هو ۽ قانون جي حڪمراني رهيو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف اها پهرين پارٽي آهي جنهن اڄ کان 23 سال اڳ قانون جي حڪمراني ۽ عدليه جي آزادي جو علم بلند ڪيو هو ۽ جڏهن عدليه جي آزادي جو مرحلو آيو ته هن جيل وڃڻ ته گوارا ڪيو پر پنهنجي ا??ول?? موقف کان پوئتي نه هٽيو.