اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) حڪومت جي قانوني ٽيم ۽ وزيراعظم جي خصوصي معاونن آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي سوڀ قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان قومي اد??رن ۾ استحڪام پيدا ٿيو آهي، حڪومت جمهوريت، آئين ۽ قانون سان گڏ بيٺل آهي، عدليه ۽ فو?? اسان جا اد??را آهن، انهن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، عدليه ڪا به سمري رد ناهي ڪئي، عدالت قانوني نڪتا اٿاريا ان جي ڏس ۾ اسان نوٽيفڪيشن ۾ تبديليو?? ڪيون ۽ نئون نوٽيفڪيشن عدالت تسليم ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي مع??ون شهزاد اڪبر، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نش??يات بابت خصوصي مع??ون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، اٽارني جنرل انور منصور خان ۽ قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.