اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم ع??را?? خان ايگزيڪيٽو اختيار هُجڻ باوجود ٻه اهم قومي معاملا پارليامينٽ کي موڪلي ڇڏيا آهن، قومي سلامتي سميت سمورن اهم رياستي ادارن جو تحفظ اس??ن جي ذميداري آهي، حڪومت سان گڏوگڏ مخالف ڌر به قومي سلامتي جي ايتري ئي ضامن آهي، اميد آهي ته پارليامينٽ اتفاق راءِ سان آئيني مسئلي جو مستقل حل ڪري ڇڏيندي، پاڙيسري ملڪ ۾ آرمي چيف جي توسيع لاءِ صرف دفاع واري وزير پنهنجا اختيار اس??عمال ڪيا آهن اتي ان معاملي تي ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيو، هو براق هاءِ ٽيڪ سروسز جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قومي سلامتي جي ادارن جي حوالي سان اس??ن سڀني جو ڪردار ذميداراڻو هجڻ گهرجي، قومي سلامتي، اس??حڪام، وقار ۽ تشخص جو تحفظ اولين ترجيح ۽ ذميداري آهي، هن چيو ته وزيراعظم ع??را?? خان پنهنجا ايگزيڪيٽو اختيار هجڻ جي باوجود ٻن اهم قومي معاملن جي حل لاءِ پارليامينٽ سان رجوع ڪيو آهي.