اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا جي لاءِ آزمائش آهي، وبا ۽ لاڪ ڊائون جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي وئي آهي، ڪورونا رليف فنڊ ۽ رضاڪار ٽائيگر فورس متاثرين جي امداد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، ??سا?? کي پنهنجي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو خصوصي خيال رکڻو آهي، سمورن صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن س??ن مڪمل رابطا قائم آهن، اها جنگ پوري قوم گڏجي کٽيندي، ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان 92 نيوز چيئنل جي لائيو ٽيلي ٿون ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري ڪيل لاڪ ڊائون س??ب پوري دنيا تي اثر پيا آهن، معيشت کي نقصان پهتو، ??سا?? مستقبل ۾ ان جي اثرن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪري ??هي?? آهيون، هن چيو ته موجوده بحران ۾ آمريڪا 2200 ارب ڊالر ۽ جاپان هڪ هزار ارب ڊالر جو رليف پيڪيج ڏنو آهي جڏهن ته ??سا?? پوري ڪوشش ڪري ??هي?? آهيون ته 8 ارب ڊالر جو پيڪيج ڏئي سگهون، وزيراعظم چيو ته ??سا?? وٽ وڌيڪ وسيلا نه آهن ۽ جيڪي دستياب آهن انهن کي استعمال ۾ آڻي ??هي?? آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ خيرات ڏيندڙ سڀ کان وڌيڪ آهن، اهو ??سا?? جي ايمان جو حصو آهي ته ??سا?? الله جي خوشنودي لاءِ زڪوات ۽ خيرات ڪندا آهيون، اها ??سا?? جي طاقت آهي، انهي طرح ??سا?? جا نوجوان به وڏي طاقت آهن، مستقبل ۾ ڪهڙيون حالتون هونديون، ان جو ڪنهن کي پتو نه آهي تنهن هوندي به ??سا?? کي پنهنجي تياري ڪرڻي پوندي، ??سا?? ان مقصد جي لاءِ پنهنجي انهن ٻنهي طاقتن کي استعمال ۾ آڻينداسين.