اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽائڻ ۽ ڪڻڪ جي درآمد جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آه??، ڪڻڪ جي اها درآمد نجي شعبي ذريعي ڪئي ويند??، ڪڻڪ جي درآمد تي لاڳو ڊيوٽي پڻ مڪمل طور تي ختم ڪئي ويند??، ڪڻڪ ۽ اٽي جي ٻاهرئين ملڪ اسمگلنگ جي روڪٿام کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف وڏي پئماني تي ڪر??ڪ ڊائون جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. اهي فيصلا وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول ??ي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيا ويا. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي وڏي مقدار ۾ ??ست??ابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽايون وينديون ۽ چيڪ پوسٽون ختم ڪيون وينديون.