اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد گڏيل روايتن، مذهبي قدرن ۽ سماجي هڪجهڙائي تي ٻڌل آهي، پارلياماني سطح تي وفد?? جي مٽاسٽا ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ ل??ءِ گڏيل تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. متحده عرب امارات پاڪستان ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. سينيٽ سيڪريٽريٽ ??وجب اهڙن خيالن جو اظهار هن متحده عرب امارات جي سف??ر حامد عبيدالزابي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي ترقي جي خاطر رابطن ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي ترقي جي خاطر رابط?? جي فروغ تي زور ڏنو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد گڏيل روايتن، مذهبي قدرن ۽ سماجي هڪجهڙائي تي آهي. پارلياماني سطح جي وفد?? جي مٽاسٽا ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ ل??ءِ گڏيل تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.