اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لوڌران – ملتان رستي جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي جي منصوبي جي پيڙهه ??و پٿر رکي ڇڏيو. اهو منصوبو ڪراچي، لاهور، پشاور قومي شا??راهه اين 5 جو اهم سيڪشن آهي. 62 ڪلوميٽر ڊگهي رستي جي بهتري تي 6 ??رب 88 ڪروڙ 60 لک رپيا لاڳت ايندي ۽ اين ايڇ اي 2 سالن ۾ ان کي مڪمل ڪندي. اهو منصوبو جتي مواصلات جي ڏس ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ??تي ان رستي جي بهتري سان ڏکڻ پنجاب ۾ ترقي جو نئون باب روشن ٿيندو.