اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي مع??شي مشڪلاتن کي نظر ۾ ??کي حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، احساس ڪيش ايمرجنسي پروگرام سمورين سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي انتهائي شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي هلائي رهيا آهيون، ڪورونا رليف ٽائيگر فورس ۾ شموليت جي حوالي سان نوجوانن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي، سياسي قيادت سرندي وارن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ هر مستحق تائين پهچڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ جي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر حليم ??اد?? شيخ سان ملاقات دوران ڪيو. حليم ??اد?? شيخ وزيراعظم کي ڪورونا جي ڏس ۾ سنڌ صوبي جي مجموعي صورتحال ۽ عوام کي درپيش مسئلن کان آگاه?? ڪيو.