ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان ڪراچي جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ 1100 ارب روپين جي تاريخي پي??يج جو اعلان ڪيو آهي اهو پي??يج وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي جوڙيو آهي، ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي ڪوآرڊينيشن عملدرآمد ڪميٽي جوڙي ويندي. ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم ع??ران خان ان تاريخي پي??يج جو اعلان ڪيو، هن چيو ت?? ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ اجلاس ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته ٽن سالن ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي وڃي، نالن جي صفائي جو ڪم اين ڊي ايم اي جي حوالي ڪيو ويو آهي جنهن ان تي ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هتي آباد غريب ماڻهو بي گهر ٿيندا جنهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي ذميداري سنڌ حڪومت جي آهي، وزيراعظم چيو ت?? سيوريج سسٽم جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويو آهي، انهي پي??يج ۾ ان مسئلي کي به م??مل حل ڪيو ويندو، ان سان گڏوگڏ سالڊ ويسٽ جو مسئلو به ان پي??يج تحت ئي حل ڪيو ويندو، وزيراعظم چيو ت?? ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سرڪلر ريلوي به انهي پي??يج تحت مڪمل ٿيندو، ڪراچي ۾ گرين لائن منصوبو به م??مل ڪنداسين، وزيراعظم چيو ت?? ڪراچي جي ماڻهن کي مشڪل حالتن ??ان گذرڻو پيو آهي تنهن هوندي به اهي مسئلا ان ڪميٽي جي تعاون سان حل ڪنداسين.