اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ?? سسٽم جي ڪري ٽيلينٽ مٿي نٿو اچي، ڪرڪيٽ جي موجوده نظام کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، مقابلي جي فضا ۾ بهترين ٽيلينٽ سامهون ايندو آهي، نوجوان رانديگرن کي مٿي اچڻ جي لاءِ موقعا ف??اهم ڪرڻ گهرجن، اسان ٽيلينٽ کي اڳتي آڻڻ واري سسٽم ۽ ڪرڪيٽ جي ڍانچي کي ٺيڪ ڪري وٺون ته پاڪستان ناقابل شڪست بڻجي ويندو. اهڙن خيالن جو اظها?? هن پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ نشرياتي حقن جي حوالي سان معاهدي تي صحيحن ??ي تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو.