اسلام آباد – 08 مارچ (??ي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جي ت??قي ۾ عورتن جو ڪردار اڻٽر آ??ي، عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي ۽ هر ميدان ۾ عورتن مردن سان شانه بشانه ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اها ڳالهه هن عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستاني عورتن جي ملڪي ت??قي ۾ باوقار خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، پاڪستاني عورتن ثابت ڪيو ته هو ڪنهن به شعبي ۾ مردن کان گهٽ ناهن، جديد دور جي ڏس ۾ اسان کي اهڙو ماحول بڻائڻ گهرجي جنهن سان عورتن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته اسان جي مذهب اسلام عورتن کي س?? کان وڌيڪ عزت ڏني، عورت ماءُ به آ??ي، ڀيڻ ۽ ڌي به، زندگي جي هر روپ ۾ عورت هڪ مقدس مقام ۽ اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي آهي. هن چيو ته اڄ اسان کي فخر ڪرڻ گهرجي ته هر ميدان ۾ چاهي اهو راند هجي، سياست هجي يا تعليمي ميدان عورتون مردن سان شانه بشانه پر م??دن کان هڪ قدم اڳتي نظر اينديون آهن. محمد صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي پيش نظر موثر قدم کنيا ويا آهن تنهن هوندي به ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي ته جئين عورتن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا برابر موقعا ميسر اچي س??هن ۽ عورتون آزادي سان پنهنجا فيصلا ڪري س??هن، پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين ملڪي ت??قي ۾ عورتن جي ڪردار ۽ نمائندگي جي فروغ لاءِ قدم کنيا آهن، پاڪستان جي پارليامينٽ عورتن جي ت??قي لاءِ موثر قانونسازي به ڪئي آهي ۽ سينيٽ آف پاڪستان کي اهو اعزاز آهي ته هتي اهم قانونسازي عورتن پاران متعارف ڪرائي وئي آهي.