اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيستائين ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو نٿو ٿئي تيستائين ٽيڪس چوري روڪي نٿي سگهجي، شوگر انڊسٽري، سيمنٽ انڊسٽري، فرٽيلائيزر انڊسٽري ۽ سگريٽ انڊسٽري ۾ وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري ٿيندي آهي، 40 سيڪڙو سگريٽ بليڪ تي وڪرو ڪيا ويندا آهن، اڻ سڌي ٽيڪسن جو بار عوام کي ??ڻڻ?? پوندو آهي، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو منع نامو ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ م??ين ملڪ جي چونڊ نظام کي شفاف ب??ائ?? جي لاءِ اڻٽر ٿي چڪي آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ م??ين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏي?? جي معاملي تي اڳڀرائي کان ڪابينا جي هر اجلاس ۾ آگاهه ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.