اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ عوامي تحفظ کي يقيني ??ڻائڻ جي لاءِ سڀني ??وبن جي رضامندي کانپوءِ ملڪ ۾ تعليمي ادارا 31 مئي تائين بند رکڻ، اولين ترجيح طور ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي حفاظتي سامان جي فوري فراهمي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نادرا کي سنڌ حڪومت کي گهربل تعاون فراهم ڪرڻ، رليف پيڪيج ۾ صوبائي حڪومتن جي تعاون لاءِ جامع نظام ٺاهڻ، ڪرونا وائرس بابت نيشنل ڪمانڊ سينٽر ۾ صوبن ۽ وفاق جي نمائندن جي موجودگي کي يقيني ??ڻائڻ ۽ جمعي نماز جي اجتماعن کي محدود رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري، وزير??عظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا وڊيو لنڪ ذريعي ميڊيا کي بريفنگ ڏني.