اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي انه?? ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي وبا تي ضابطو آندو ويو آهي پر اسان کي عيدالاضحيٰ ۽ محرم دوران احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن صورتحال بهتر ٿيڻ تي تعميرات جي شعبي وانگر ٻيا شعبا به ايس او پيز سان گڏ کولي سگهجن، اسان ڪورونا سان گڏ پنهنجي ماڻهن کي بک سبب مرڻ کان به بچائڻو هو ان لاءِ خطرو کڻي سمارٽ لاڪ ڊائون جو ف??صل?? ڪيو جيڪو الله جي فضل ۽ ڪرم سان بهتر ثابت ٿيو، عيدالاضحيٰ ۽ محرم تي احتياط نه ڪئي ته ڪيسز جي انگ ۾ ٻيهر اضافو ٿي سگهي هو. هو وزيراعظم هائوس ۾ ڪورونا جي صورتحال جو ??ائزو وٺڻ جي لاءِ منعقد اجلاس کانپوءِ خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۽ فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ٽن مهينن دوران سڀ کان گهٽ شرح ڪلهه رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اسپتالن تي مريضن جو ??يڪو دٻاءُ هو ان ۾ به گهٽتائي آئي آهي، انتهائي نگهداشت ۽ آڪسيجن بيڊز تي دٻاءُ به گهٽ ٿي و??و آهي. وزيراعظم چيو ته اهو الله تعاليٰ جو ??سان تي خاص ڪرم آهي ته پاڪستان انه?? ڪجهه ملڪن مان آهي جنهن ڪورونا جي وبا تي ضابطو آڻي ورتو آهي پر اڃا چئلينجز ختم ناهن ٿيا. اسان کي احتياط کي ڇڏڻو نه آهي. هن چيو ته 13 مارچ تي جڏهن لاڪ ڊائون ڪيو ته وڏا چئلينجز درپيش هئا، اڄ اسان مشڪل وقت مان نڪري آيا آهيون ۽ ڪورونا ڪيسن جو ??نگ گهٽ ٿي و??و آهي. وزيراعظم چيو ته اسان تي دٻاءُ هو ته اسان يورپ جهڙا قدم کڻون. اسان به لاڪ ڊائون ڪيو، اسان جي پهرين حڪومت هئي جنهن ان ڳالهه کي سمجهيو ته يورپ ۽ چين جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جون حالتون مختلف آهن.