اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان و??لڊ بئنڪ (پاڪستان) جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پيچاموٿوا لانگوان الوداعي ??لاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو ب??تيار ۽ سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. و??لڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پاڪستان ۾ قيام دوران تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن معيشت جي استحڪام ۽ ڪوويڊ 19 جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن ۽ سڌارن جي مجموعي عمل کي ساراهيو.