اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته مخالف ڌر جو ٻٽو معيار ۽ منافقت نه هلندي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي فيملي لميٽيڊ ڪمپنيون آهن، انهن جي موسمي نظرياتي پن کان قوم واقف آهي، انهن جو مفاد مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ قوم جي ڀلائي ناهي پر ڪرپشن لڪائڻ آهي، معيشت ۽ ادارن کي تباهه ڪندڙ، ملڪ کي ڦريندڙ، پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ هاڻي جمهوريت جا چيمپئين بڻجي ويا آهن، ماضي ۾ هڪٻئي کي چور چور چوندڙن کي پنجاب حڪومت رومال به ڏئي ته جيئن هو پنهنجو چهرو لڪائي ??گه??، گجرانوالا اسٽي??يم ڀرڻ جي لاءِ هن اڌ اسٽي??يم تي اسٽيج ٺاهي ڇڏيو ??هي، پنهنجي دور ۾ هنن ووٽ جي عزت جو نه نوٽ جي عزت جو خيال ڪيو، اسان کي ملڪ کي چورن جي چنبي مان ڪڍڻو آهي، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي به انهن جي پاليسين جو نتيجو آهي، مولانا فضل الرحمان جو پٽ ک??ي وڃي ته ٺيڪ آهي، پاڻ هارائي وڃي ته اليڪشن غلط آهي، عدالتون انهن جي حق ۾ فيصلو ڏين ته ٺيڪ ٻي صورت ۾ غلط سمجهندا آهن، اهي ناڪام ٿيندا ۽ ڪڏهن ٻيهر واپس نٿا اچي ??گه??، انهن جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي آهي پر سٺو وقت اچڻ وارو آهي، ايندڙ ٻن چئن هفتن ۾ صورتحال ۾ بهتري نظر انيدي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ اجلاس ۾ پاليسي بيان ڏيندي ڪيو.