اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين پاڪستان پهچي وئي آهي، حڪومتي پاليسي موجب ڪورونا ويڪسين سڀ کان اڳ هيلٿ ورڪرز کي لڳائي ويندي. وز??راعظم عمران خان ٽيليفون ذريعي عوام جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ڪورونا ويڪسينيشن جي لاءِ امير غريب جو ڪو فرق نه هوندو، هيلٿ ورڪرز کانپوءِ بزرگ ش??رين کي ڪورونا ويڪسين لڳائي ويندي، حڪومت جي پوري ڪوشش هوندي ته هلندڙ سال وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وڃي.