اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلا?? ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ ف??ري رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، شڪايتن جي ازالي لاءِ ايف بي آر سان رابطو وڌايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا سان مل??قات دوران ڪيو. وفاقي ٽيڪس محتسب صدر کي سالياني رپورٽ سال 2020ع پيش ڪ??ي. صدر چيو ته ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي خلا?? ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ ف??ري رليف جي فراهمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ٽيڪس عملدارن جي خلاف عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ ٽيڪس محتسب جي اهم ڪردار جي باري ۾ آگاهي ضروري آهي، هن چيو ته ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪس محتسب ٽيڪسن جي وصولي بهتر بڻائڻ ۽ بي ضابطگيون گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.