اسلام آباد – 08 اپ??يل (اي پي پي) گلگت ??لتستان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي ??وا??ي سان وزيرا??ظم عمران خان پاران جوڙيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور ڪئي. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، گلگت ??لتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، ڪشمير معاملن واري وفاقي سيڪريٽري کانسواءِ پرڏيهي وزارت، دفاع واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اهم عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته عبوري صوبي جي قيام جي ??وا??ي سان گلگت ??لتستان اسيمبلي جي متفقه قرارداد گلگت ??لتستان جي عوام جي امنگن جي عڪاس آهي ۽ اسان جي حڪومت ان واعدي جي تڪميل کي يق??ني بڻائي رهي آهي. اجلاس ۾ گلگت ??لتستان کي عبوري صوبي جي حيثيت ڏيڻ جي ??وا??ي سان مختلف ماڊلز تي به تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته گلگت ??لتستان کي عبوري صوبو ٺاهڻ جي ??وا??ي سان قومي مفادن، عوام جي امنگن ۽ سياسي اتفاق راءِ کي يق??ني بڻايو ويندو.