ا??لا?? آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) برطانوي وزيراعظ?? بورس جانسن وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي وزيراع??من افغانستان جي تازي صورت??ال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته سمورن افغانين جو تحفظ، ??لا??تي ۽ حقن جو احترام يقيني بڻائڻ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم افغانستان ۾ هڪ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان افغانستان مان سفارتي، عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. ٻنهي وزيراع??من افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورت??ال جي حوالي سان رابطن ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻطرفي تناظر ۾ وزيراعظم عمران خان پاڪستان پاران ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ کنيل وسيع قدمن تي روشني وڌي ۽ چيو ته لاڳاپيل ڊيٽا برطانيا سان شيئر ڪئي وئي هئي. وزيراعظ?? بورس جانسن کان پاڪستان کي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.