اسلام آباد ??? 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو سج هر سال اس??ن جي قومي جذبي جي ياد تازي ڪرڻ ۽ ملڪ جي لاءِ پنهنجي جان قربان ??رڻ جي وچن کي ورجائڻ جي لاءِ اڀري ٿو، پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو اس??ن جي اتحاد ۽ يڪجهتي جو بهترين عڪاس آهي، اس??ن پاڪستان جي هٿي??رب??د فوج سان ??ڏجي ملڪ جي تحفظ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 6 سيپٽمبر جو سج هر سال اس??ن جي قومي جذبي جي ياد تازي ڪرڻ ۽ ملڪ جي لاءِ پنهنجي جان قربان ??رڻ جي وچن کي ورجائڻ جي لاءِ اڀري ٿو. 6 سيپٽمبر 1965ع تي اس??ن جي بهادر هٿي??رب??د فوج پوري قوم سان ??ڏ دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائي سدائين جي لاءِ ان ??ينهن کي جرئت، بهادري، ايثار، قرباني ۽ قومي يڪجهتي جو اس??عارو بڻائي ڇڏيو. اس??ن انهن لمحن کي مشعل راهه بڻائيندي اندروني چئلينجز ۽ ٻاهرئين سازشن کي شڪست ڏني ۽ سيپٽمبر جذبي ئي اس??ن کي خودانحصاري جي منزل سان سرشار ڪري اس??ن جي آزادي ۽ خودمختياري کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اس??ن پاڪستان جي هٿي??رب??د فوج سان ??ڏجي ملڪ جي تحفظ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو اس??ن جي اتحاد ۽ يڪجهتي جو بهترين عڪاس آهي. هن چيو ته دفاع جو جذبو رڳو 6 سيپٽمبر تائين محدود نه آهي پر ان جو حقيقي روح سڄو سال زندهه رهي ٿو، پاڪستانين ۽ پاڪ فوج جو اهو جذبو پوري دنيا ڏسي چڪي آهي. 6 سيپٽمبر 1965ع جي شهيدن ۽ غازين کي سلام جن ملڪ جي دفاع جو فرض سرانجام ڏنو. چوڌري فواد حسين چيو ته دهشتگردي ۽ شدت پسندي جي خاتمي ۾ پاڪ فوج جي جرئت ۽ بهترين پيشيواراڻي مهارت ۽ قومي ترقي، جمهوريت جي مضبوطي ۽ عالمي امن جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.