اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي پهچ وڌائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن پوري ملڪ ۽ خاص طور تي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ احتياط ۽ علاج جي خدمت?? جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ جي صحت جي شعبي کي طبي پيشيوار ماڻهن ۽ پيرا ميڊيڪل ??سٽاف جي کوٽ جي ڪري مختلف چئلينجز درپيش آهن، اميد آهي ته صحتمند جوان پروگرام ڪميونٽي جي سطح تي خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام تحت صحتمند جوان پروجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي نوجوان?? جي معاملن واري خاص معامن محمد عثمان ڊار، گڏيل قوم?? جي پاپوليشن فنڊ جي نمائندي ڊاڪٽر بختيار قادروف، پاپوليشن فنڊ جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر بختيار قادروف صحتمند جوان پروگرام بابت آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان منصوبي جو مقصد نوجوان?? جي شموليت جي ذريعي ماڻه?? جي صحت ۽ ڀلائي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن ٻڌايو ته صحتمند جوان پروگرام جا مقصد هيلٿ ڪوريج کي وڌائڻ ۽ نوجوان?? جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سيالڪوٽ کي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي شموليت ۽ ڪميونٽي خدمتن تي ٻڌل سمارٽ نيٽ ورڪ جي ذريعي صحت جي ڪوريج کي وڌائڻ جي هڪ پائليٽ پراجيڪٽ جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. صدر صحتمند جوان پراجيڪٽ ۾ تعاون وڌائڻ تي گڏيل قوم?? جي پاپوليشن فنڊ کي ساراهيو.