اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارا ملڪ جي مستقبل جو معاملو آهي، اسان نيڪ نيتي سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته انهن معاملن تي اتفا?? راءِ ??يدا ٿئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قي??ر کي مخالف ڌر سان هڪ ڀيرو ٻيهر رابطو ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته جيئن متفقه چونڊ سڌارن جو بل آڻي سگهجي. هن چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ان مقصد جي لاءِ ??لتوي ڪيو پيو وڃي، اسان کي اميد آهي مخالف ڌر انهن اهم سڌارن تي سنجيدگي سان غور ڪندي ۽ اسان پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ ??ڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري وٺنداسين جهن ته ائين نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان سڌارن تان پٺتي نه ٿا هٽي سگهون.