اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جا ٽي سيشن هوندا، سيڪريٽري جنرل او آءِ سي سميت مهمان ۽ وفد اڄ جمعي تي پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا، شروعاتي ۽ پڄ??ڻي وارا سيشن اوپن جڏهن ته ورڪنگ سيشن ان ڪئميرا هوندو، اجلاس ۾ اسان افغان وفد کي به گهرايو آهي. روس ۽ آمريڪا به پنهنجي نمائندن کي موڪلڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزارت ۾ ٽي وي اينڪرز ۽ نيوز ايڊيٽرز کي افغانستان جي صورتحال ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان۾ جيڪا تبديلي رونما ٿي ۽ ان کانپوءِ ان تبديلي جي حوالي سان ڪيترائي خدشا سامهو آيا، هن چيو ته اسان جي پاڙيسري ان موقعي مان فائدو کڻڻ لاءِ ”سينڪشن پاڪستان“ جي ميڊيا مهم هل??ئي?? الله جي ڪرم سان ان جو ڪوڙ بي نقاب ٿيو ۽ اسان جي ميڊيا ان ڪوڙ کي بي نقاب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد ڪيو، هن وقت افغانستان ۾ معاش?? بحران شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي معاشي ۽ انسان?? بحران جي ڪري پناهگيرن جي يلغار جو خطرو ٻيهر ڪنڌ کڻي رهيو آهي، پاڪستان 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان رابطو ۽ مشاور?? ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اسان گڏيل لائحه عمل جي جوڙجڪ لاءِ افغانستان جي 6ويجهي پاڙيسري ملڪن جو فورم جوڙيو، ان فورم جو پهريون ورچوئل اجلاس پاڪستان جڏهن ته ٻيو تهران ۾ ٿيو جڏهن ته ٽيون بيجنگ ۾ متوقع آهي، ان کانسواءِ اسان ماسڪو فارميٽ ۾ پنهنجو موقف ۽ ٽرائيڪا پل?? جي فورم جي ذريعي به افغانستان جي صورتحال تي پنهنجو موقف پيش ڪيو. هن چيو ته اسان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ مسلمان ملڪن سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي ايجنسيز، پي 5، ۽ اهم يورپي ملڪن جي نمائندن کي به دعوت ڏني وئي آهي، اسان ڪنهن هڪ طبقي جي ڳالهه نه ڪري رهيا آهيون پر لکين افغاني شهرين جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جيڪي هن وقت شديد معاش?? بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته سيڪريٽري جنرل او آءِ سي سميت مهمان ۽ وفد اڄ جمعي تي پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا جڏهن ته 19 تاريخ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جا ٽي سيشن ٿيندا، شروعاتي ۽ پڄ??ڻي وارو سيشن اوپن جڏهن ته ورڪنگ سيشن ان ڪئميرا هوندو.