اسلام ??باد – پهرين جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سال 2022ع جي شروع ٿيڻ تي اسان کي تلخيون گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آه??، حڪومت ۽ مخالف ڌر اليڪشن، معيشت، سياسي ۽ عدالتي سڌارن تي ڳ??لهه ٻولهه ڪن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي اسان کي پنهنجي ذميوارين ??و احساس ڪرڻ جي ضرورت آهي. پارليامينٽ ۾ فساد عام ماڻهو جي نظر ۾ سياستدانن جو وقار گهٽ ڪري ٿو.