اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته موثر ۽ فعال بلديات?? نظام ملڪي ترقي جو ضامن هوندو آهي، فعال بلديات?? نظام جي ذريعي عوام جا ڪيترائي مسئلا انهن جي چائٺ تي حل ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن پنجاب ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمرا?? خان چيو ته بلديات?? نظام جو مقصد اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي آهي، هن زور ڏنو ته ان نظام جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي سمورن طبق?? خاص طور تي عورتن، نوجوانن، آبادگارن ۽ واپارين کي هڪ جهڙي نمائندگي ڏني وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، شفقت محمود، خسرو بختيار، ??سد عمر، فواد چوڌري، حماد اظهر، ??صوصي مددگار ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان خ??ن، محمد بشارت راجا ۽ ميان محمود الرشيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.