اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته 90 لک پرڏيهي پاڪستانين کي وڌ کان وڌ خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ جامع پاليسي جوڙي وڃي، انهن جي سهولت لاءِ 8 اوورسيز مرڪز به قائم ڪيا وڃن. وز??راعظم عمران خان سان پرڏيهي پاڪستان??ن ۽ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ وز??راعظم جي خاص مددگار ??يد طارق الحسن ملاقات ڪئي. ان دوران پرڏيهي پاڪستانين جي سهولت باب?? معاملا بحث هيٺ آندا ويا. وز??راعظم عمران خان هدايت ڪئي ته 90 لک پرڏيهي پاڪستاني جيڪي ??ن ملڪ جو قابل قدر اثاثو آهن کين وڌ کان وڌ خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ جامع پاليسي جوڙي وڃي، وز??راعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستانين لاءِ هڪ ڇت هيٺان مختلف خدمتن جي فراهمي لاءِ ون ونڊو سهولت لاءِ 8 اوورسيز مرڪز به قائم ڪيا وڃن.