اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي ??ااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي مالي شموليت جي لاءِ جاري قدمن سان ملڪ ۾ وسيع پئماني تي اقتصادي ترقي جون نيون راهون کلنديون، عورتن کي ??نهن جي حقن جي باري ۾ آگاهي هڪ چئلينج آهي، تنهن هوندي به ميڊيا ۽ منبر جي ذريعي مسلسل پيغام پهچائڻ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن”انصاف واچ پورٽل“ جي افتتاحي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان هڪ اهم موڙ تي بيٺل آهي ان جو نوجوان نسل دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. هن چيو ته عورتن کي ??نهن جي حقن جي باري ۾ آگاهي هڪ وڏو چئلينج آهي، تنهن هوندي به ميڊيا ۽ منبر جي ذريعي مسلسل پيغام پهچائڻ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو جيئن ڪورونا جي دوران ٿيو هو. هن قانون واري وزارت کي ??ورتن جي حقن بابت قانونسازي جا پوسٽرز لڳائڻ، پورٽل تي قانون جي آڊيو متعارف ڪرائڻ، ان جي خلاصي سان گڏوگڏ انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ انهن جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ جو مشورو ڏنو. هن چيو ته داخل ٿيندڙ ڪيسن جو تناسب عورتن جي حقن جي خلاف ورزين جي اصل صورتحال کان تمام گهٽ آهي جنهن جي لاءِ عورتن ۾ وڏي پئماني تي بيداري جي ضرورت آهي. هن چيو ته عورتن جي حقن جو تحفظ صرف عالمي قانون جي تڪميل جي لاءِ نه هجڻ گهرجي پر ان کي ملڪ جي ضرورتن ۽ ذميداري جي طور تي ڪرڻ گهرجي. اسلام اڄ کان 1400 سال اڳ عورتن ??ي وراثت جا حق ڏنا هئا، هن چيو ته بدقسمتي سان عورتن جو هڪ تمام وڏو تناسب ان جي وراثتي جائيدادن کان محروم آهي ۽ حڪومت انهن جي حقن جي تحفظ لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي آهي ۽ ان مقصد لاءِ محتسب جي آفيس کي ??ااختيار بڻايو آهي. صدر عورتن جي ملڪيتن تي قبضي سان گڏوگڏ هراسگي جي خلاف انهن جي تحفظ لاءِ قانونن لاڳو ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته عورتن کي ??نهن جا وراثتي حق فراهم ڪرڻ سان گڏ ڪاروباري حصيدار بڻجڻ جي ترغيب ڏني وڃي. هن حضرت خديجه رضه جو حوالو ڏنو جيڪا هڪ ڪامياب ڪاروباري عورت هئي، هن چيو ته عورتن جي خلاف ڏوهن کي ??ونما ٿيڻ کان اڳ روڪڻ معاشري جي ذميداري آهي ۽ هو عورتن جي حفاظت کي يقيني بڻائي. صدر مينار پاڪستان جي واقعي جو مثال ڏنو جتي هڪ عورت کي هراسان ڪيو ويو ۽ ماڻهن ان منظر کي ??وڪڻ بدران ان جي وڊيو ٺاهي، هن چيو ته عورتن کي ??حساس پروگرام جي ذريعي روڪ امداد، برابر تعليمي وظيفا، اسڪول ويندڙ ڇوڪرين جي لاءِ وظيفي جهڙن قدمن جي ذريعي تقريبن 500 ارب روپيا ورهايا ويا آهن، ان سان عورتن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته عورتن جي صحت تي خصوصي ڌيان ڏيڻ به ايترو ئي ضروري آهي ڇو ته غذائي کوٽ، تازن ڄاول ٻارن جي موت، بار بار حمل ۽ ويم دورا فوتگي عورتن کي ??ااختيار بڻائڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندي آهي. قانون ۽ انصاف واري وفا??ي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته ضروري قانونسازي ۽ ڍانچاجاتي تبديلين کانپوءِ حڪومت عملدرآمد جي مرحلي ۾ آهي، هن پورٽل جي قيام ۾ تعاون ڪرڻ تي برطانوي هاءِ ڪميشن ۽ يورپي يونين ۽ ٻين حصيدارن جو ٿورو ادا ڪيو. قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري چيو ته پورٽل عورتن بابت قانونن تي مشتمل آهي جيڪو موجوده قانونن جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪندو. وقتي ڊپٽي برطانوي هاءِ ڪمشنر به تقريب کي ??طاب ڪيو ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي مسلسل ڪوششن کي ??اراهيو. هن عورتن بابت ڏوهن کي ??تم ڪرڻ ۾ برطانيه جي حڪومت جي پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت برطانوي هاءِ ڪميشن ۽ گروپ ڊولپمينٽ پاڪستان جي تعاون سان انصاف واچ هڪ ڊجيٽل پورٽل قائم ڪيو آهي جنهن جو مقصد عورتن کي ??نهن جي لاڳاپيل قانون تائين پهچ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ کانسواءِ کين انهن جي حقن جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪرڻ آهي.