اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چورن پاران بي اعتمادي رٿ پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، اڄ قوم ۾ 1965ع وارو جذبو آهي، مخالف ڌر جون سموريون ڪوششون جمهوريت ۽ ملڪ جي لاءِ نه آهن پر اين آر او جي لاءِ آهن، ج??ڪي ماڻهو مشڪل وقت ۾ گڏ بيٺل آهن انه?? کي ڪڏهن به نه وساريندس، مسلم ليگ (ن) پنجاب مان هاڻي ڪا اليڪشن کٽي ڏيکاري. هو تحريڪ انصاف جي پارلياماني پا??ٽي جي مان ۾ منعقد آجياڻي کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي شاهه محمود قريشي، فيض الله ڪموڪا، عامر ڊوگر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته مقابلي جو پهريون اصول اهو آهي ته آخري بال تائين هار ناهي مڃڻي، ڪهڙي خبر ڪپتان سڀاڻي ڇا ڪري ڇڏي. جيئن جيئن ماڻه?? کي سمجهه اچڻ شروع ٿي آهي ته بي اعتمادي رٿ جي صورت ۾ عمران خان نه پاڪستان جي خلاف وڏي پئماني تي سازش ٿي آهي. هن چيو ته 35 س??لن کان هن ملڪ کي ڦريندڙن آمريڪا سان گڏ هلي اها سازش ڪئي. آئون ڪڏهن به آمريڪا جو مخالف ناهيان رهيو. ا?? کي مون کان ڪهڙي گلا ٿي سگهي ٿي. مون سياست جي شروعات ڪئي ته اها سوچ ڏٺي ته دنيا جو پنجون وڏو ملڪ ٻين تي دارومدار ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته هتي انهن ماڻه?? کي آمريڪا حڪمران ڏسڻ چاهي ٿو جن جا پئسا ٻاهر پيل آهن ۽ اهي ان جي غلامي ڪندا. وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح دستاويزي طور تي پاڪستا?? کي ڌمڪي ڏني وئي ته عمران خا?? کي هٽائي ڇڏيو ته پاڪستا?? کي معاف ڪري ڇڏينداسين اهڙو مثال سفارتڪاري ۾ ڪٿي نه ٿو ملي، آمريڪا کي خبر آهي ته عمران خا?? کي هٽائي ان جي جڳهه تي ڪير ايندو. بي ضمير ماڻهو غيرملڪي غلامي قبول ڪرڻ چاهين ٿا. وزيراعظم چيو ته ضمير فروش هن وقت منهن لڪائيندا ڦري رهيا آهن شڪر آهي انهن کان اسان جي پا??ٽي پاڪ ٿي، هر بجيٽ جي دوران جڏهن پا??ٽي اجلاس ٿيندو هو ته آئون مٿي جي سُور جون ٻه گوليون کائي شريڪ ٿيندو هئس، مو?? کي مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن جا پيغام اچي رهيا آهن ته انهن جي گهر وارا انهن جي خلاف ٿي ويا آهن ته اهي سازش جو شڪار ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اڄ سوشل ميڊيا جو دور آهي، ڇانگا مانگا جو دور ختم ٿي چڪو آهي. قوم ڏسي ورتو ته ڪهڙي طرح ضمير خريد ڪرڻ جي لاءِ پئسو هلي رهيو آهي، مخالف ڌر مون کان اين آر او گهري رهي هئي، فيٽف قانونسازي دوران به انهن اين آر او گهريو، هر ٽن مهينن کانپوءِ ملڪ ۾ غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪئي، انهن جون سڀ ڪوششون جمهوريت ۽ ملڪ جي لاءِ نه پر اين آر او جي لاءِ هيون. وزيراعظم چيو ته مشڪل وقت ۾ نظريي سان گڏ رهندڙ خراج تحسين جا مستحق آهن، هاڻي تحريڪ انصاف اهڙي نظرياتي پا??ٽي بڻجي چڪي آهي جنه?? کي ڪير شڪست نه ٿو ڏئي سگهي. 14 سالا سياسي جدوجهد کانپوءِ مينار پاڪستان جي جلسي سان اسان جي پا??ٽي اٿي ۽ هاڻي جيڪو جذبو قوم ۾ موجود آهي اهو ناقابل بيان آهي، چورن بي اعتمادي رٿ آڻي پوري قوم کي گڏ ڪري ڇڏيو، اڄ قوم ۾ 1965ع جي جنگ وارو جذبو نظر اچي رهيو آهي، چورن ۽ آمر??ڪي سازش جي خلاف پوري قوم گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته عوام جي حمايت سان هاڻي تحريڪ انصاف شڪست نه ٿي کائي سگهي، خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ تحريڪ انصاف 70 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا، هزاره سميت خيبرپختونخواهه مان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپا??ٽي جو صفايو ٿي ويو، ج??ڪي ماڻهو پنجاب ۾ (ن) ليگ جي ٽڪيٽ وٺڻ جي لاءِ منحرف ٿيا (ن) ليگ کي اهو چئلينج آهي ته اها ڪا اليڪشن کٽي ڏيکاري، انه?? کي لاهور ۾ به شڪست ڏينداسين، پنجاب ذوالفقار علي ڀٽو کي اٿاريو جنهن قوم کي خودداري ڏني. هن چيو ته آچر تي سڄي پاڪستان ۾ چورن ۽ غدارن جي خلاف قوم پرامن احتجاج ڪندي. هن چيو ته اڄ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ج??ڪي ماڻهو مون سان گڏ بيٺل آهن آئون انه?? کي ڪڏهن به نه وساريندس، ذاتي مفاد ۽ پئسي جي لاءِ پا??ٽي ۾ شامل ٿيندڙن پاران پا??ٽي کان عليحدگي تي الله جا شڪرگذار آهيون، تحريڪ انصاف جو سرمايو اهي ماڻهو آهن ج??ڪي 20، 20 ڪروڙ رپين جي آڇ ٺڪرائي اسان سان گڏ بيٺل آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان 25 سالا جدوجهد ۾ لاها چاڙها ڏٺا، جيڪو مقام پاڪستان جي ماڻهن ۾ عمران خان جو آهي ڪنهن ٻئي جو نه آهي. عمران خان جو حوصلو ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيو. هن چيو ته ج??ڪي ماڻهو هتي موجود آهن اهي ڪور گروپ ۽ پا??ٽي جو اثاثو آهن ۽ اهي ئي ٻيهر توها?? کي وزيراعظم بڻائيندا، اهي تحريڪ انصاف جي نظريي جا پاسبان آهن. هي انهن قوت?? کي پاش پاش ڪري ڇڏيندا. هن چيو ته اها ئي تحريڪ انصاف آهي. اها سون ۾ تورڻ جي برابر آهي. پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻپ مشڪل وقت ۾ ٿئي ٿي. هن چيو ته اهي ئي ماڻهو ايندڙ چونڊن ۾ نئين پاڪستان جو تسلسل برقرار رکندا. پي ٽي آءِ جي ميمبر فيض الله ڪموڪا چيو ته سياسي ڪيريئر ۾ عمران خان کان تمام گهڻو ڪجهه سکيو آهي، اڄ کوٽي ۽ کري جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، اسان سڀ متحد ۽ پنهنجي قائد سان گڏ بيٺل آهيون. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ليڊر اهو ناهي هوندو جيڪو جوڙ ٽوڙ جو ماهر هوندو آهي ۽ حرام جو پئسو استعمال ڪري ماڻهن جا ضمير خريد ڪندو آهي. هن چيو ته طاقتور اهو هوندو آهي جنهن جو ايمان پڪو هوندو آهي جيڪڏهن ڪنه?? کي شڪ هو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي ذات جي لاءِ نه پر قوم جي لاءِ نڪتو آهي.