اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي خوني لانگ مارچ ۽ سياست ۽ وفاقي گادي واري شهر تي ڪاهه ڪرڻ بابت خيبرپختون??وا جي وڏي وزير جي بيانن جو ??خت نوٽيس وٺندي ان تي شديد ڳڻتي جو ??ظهار ڪيو آهي، جڏهن ته گهرو وزير رانا ثناءُ الله خان چيو آهي ته رياست مخالف ڪو به لانگ مارچ ٿيو ته ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. وفاقي ڪابينا جو ??جلاس وزي??اع??م شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا عوام کي عمران خان جي 25 مئي جي لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ميڊيا ۽ اطلاعات واري وزارت جي عوام لاءِ هٿياربند جٿن ۽ ان جي اصل چهرن جي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ واکاڻ جوڳي آهي، وزي??اع??م ڪابينا کي ٻڌايو ته هن گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي هئي ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هئڻ گهرجي، گهرو وزير رانا ثناءُ الله اجلاس کي ٻڌايو ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هو، وفاقي ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ سڀني اهلڪارن کي پنهنجا فرض چڱي ريت نڀائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزي??اع??م گهرو وفاقي وزير رانا ثناءُ الله، ڪ??مي?? ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره سميت 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، گهرو وزير اجلاس کي ٻڌايو ته رياست مخالف ڪابه لانگ مارچ ٿي ته ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. مولانا اسعد محمود لانگ مارچ رد ڪرڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، وفاقي ڪابينا پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران 25 مئي جي خوني مارچ جي اعلان ۽ پي ٽي آءِ ??ي ڪارڪنن پاران هٿيارن سان اسلام آباد تي حملي جو ??ختي سان نوٽيس ورتو ۽ ڳڻتي جو ??ظهار ڪيو. گهرو وزير رانا ثناءُ الله لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي عوام ۽ لانگ مارچ دوران خدمتون سرانجام ڏيڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو ٿورو ادا ڪيو، رانا ثناءُ الله ڪابينا کي ٻڌايو ته 25 مئي تي پي ٽي آءِ پاران لانگ مارچ ڪا سياسي سرگرمي نه هئي، پر رياست مخالف سوچيل سمجهيل سازش هئي، خيبرپختون??وا حڪومت جي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي پي ٽي آءِ هڪ ڏينهن پهريون ڪي پي هائوس ۾ هٿياربند جٿن کي گڏ ڪيو، گلگت بلتستان جي وڏي وزير به پوليس تي حملو ڪيو، رانا ثناءُ الله چيو ته اها ڪا سياسي سرگرمي نه پر واضح طور تي رياست تي حملي ??ي ڪوشش هئي، وفاقي ڪابينا خيبرپختون??وا جي وڏي وزير جي بيان جو ??ه نوٽيس ورتو ۽ سخت ڳڻتي جو ??ظهار ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته هن ڀيري اسان پوري قوت سان رياست ۽ وفاقي گادي واري شهر تي حملو ڪنداسين.