اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) موسميات کاتي سومر 20 کان اربع 22 جون تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وڏي طوفان ۽ گجگوڙ سان برساتن جي سلسلي جي اڳڪٿي ڪندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪندي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انتظام ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي آهي. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل تازي ايڊوائيزري موجب سومر 20 کان اربع 22 جون تائين ملڪ جي اترئين ۽ وچو وارن علائقن ۾ وسيع پئم??ني تي طوفان ۽ گجگوڙ سان تيز برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو. تيز برساتن جي ان سلسلي جي ڪري خيبرپختونخواهه، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيدنگ کانسواءِ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ندي نالن/ دريائن ۾ طغي??ني ۽ نشيبي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي ان صورتحال جي ڏس ۾ سمورين لاڳاپيل وفاقي، صوبائي وزارتن بشمول پريس انفارميشن ڊپارٽ??ين??، صوبائي، گلگت بلتستان، اسٽيٽ ۽ ضلعي ڊيزاسٽر مئنيج??ين?? اٿارٽيز سميت سمورن لاڳاپيل کاتن کي ڪنهن به قسم جي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ وقت سر اڳواٽ قدم کڻڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن ڪنهن به قسم جي امڪ??ني ج??ني ۽ مالي نقصان کان بچڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. پي ڊي ايم اي ۽ ڊي ڊي ايم اي کي سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهڻ، ايمرجنسي مشينري ۽ عملي ب??مول نشيبي علائقن جي لاءِ ڊي واٽرنگ پمپس جي اڳواٽ موجودگي يقيني بڻائڻ ج?? هدايت جاري ڪئي ته جيئن موسم جي ڪري رهائشي علائقن ۾ ٻوڏ واري پاڻي کي منهن ڏيڻ ۽ رستا بلاڪ ٿيڻ جي صورت ۾ وقت سر قدم کڻي سگهجن. لوڪل ريسڪيو سروسز ڊپارٽ??ين??س ٻوڏ خطري ۾ ورتل علائقن جي رهواسين خاص طور تي سياحتي جاين طرف عوام کي غيرضروري چرپر کان محتاط رکڻ جي لاءِ وڏي پئم??ني تي آگاهي مهم هلائين. وڌيڪ اهو ته نشيبي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو محتاط رهندي ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کان لاڳاپيل ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي مطلع ڪن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بشمول موٽروي/ ٽريفڪ پوليس اترين علائقن طرف سفر ڪندڙ مسافرن ۽ سياحن کي امڪ??ني برساتن ۽ رستن جي تازي صورتحال کا?? باخبر رکن.