اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائ??ي مير علي ۾ فوجي جوانن جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ 4 جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چي?? ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين پوري قوم ??تح?? ٿي ان جو مقابلو ڪندي رهندي ۽ دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. وزيراعظم چي?? ته دهشتگردي سان مقابلو ڪندي پنهنجي ??ان??ن جا نذرانا پيش ڪندڙ انهن جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.