ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) ڪر??چي يونيورسٽي ۾ جشن آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي پرچم ڪشمائي جي تقريب 14 آگسٽ تي ٿيندي. ڪر??چي يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد موجب ڪر??چي يونيورسٽي ۾ 14 آگسٽ تي جشن آزادي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ نئين انتظامي عمارت آڏو تقريب شروع ٿيندي، يونيورسٽي جو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي جهنڊو ڦڙڪائيندو۽ قومي ترانو وڄايو ويندو. ان موقعي تي شيخ الجامعه پروفيسر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي استادن، شاگردن ۽ ملازمن کي خطاب ڪندو.