اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي تي سنڌ صوبي ۾ سکر، روهڙي، خيرپور، فيض گنج، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺري ميرواه?? جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي دورو ڪندو. پنهن??ي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جا نمائ??دا وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ تباهه ٿيندڙ انفرااسٽڪچر ??ي بحالي جي لاءِ جاري ڪمن تي بريفنگ ڏيندا. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو حال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. تنهن کان پوءِ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ?? چيف انجينيئر سکر بيراج تي وزيراعظم کي ٻوڏ جي تباهه ڪارين ??ي باري ?? تفصيلي بريفنگ ڏيندو.