اس??ام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) هوائي فوج جون سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي ڪارروايون ۽ رليف آپريشن جاري آهي. ايئر هيڊ ڪوارٽرز، اس??ام آباد ۾ ڪيل نيشنل آءِ ايس آر اينڊ انٽيگريٽڊ ايئر آپريشنز سينٽر (اين آءِ آءِ اي او سي) سمورن ڌُرين سان مڪمل هم آهنگيءَ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحاليءَ جي عمل ۾ معاونت ??ري رهيو آهي. ڄاڻايل سينٽر متاثرن جي بحاليءَ لاءِ سول انتظاميه کي هر ممڪن مدد فراهم ??ري رهيو آهي. هوائي فوج جي ترجمان مطابق پ??ڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ڄاڻايل علائقن ۾ متاثر ماڻهن کي امدادي ڪمن ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امداد جي فراهميءَ لاءِ ”پاڪستان ايئرفورس فلڊ رليف فنڊ“ به قائم ڪيو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيا الائيڊ بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK85ABPA0010099183680023، عس??ري بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK96ASCM0003851650000097، بئنڪ اس??امي جي اڪائونٽ نمبر K38BKIP0310000096360001، جڏهن ته حبيب بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK09HABB0022997001211801 ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.