اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آبادگارن کي فصلن جي تباهي ۽ آفتن جي ڪري ٿيندڙ نقصان کان بچائڻ جي لاءِ فصلن جي ان??ورنس جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالمي حدت ۽ موجوده ٻوڏ جي ڏس ۾ آباد??ار دوست فصل ان??ورنس نظام متعارف ڪرڻو پوندو. جڏهن ته ورلڊ بئنڪ جي پائليٽ پروگرام ذريعي پنجاب جي 27 ضلعن جي 1.48 ملين آبادگارن کي فصل تباهه ٿيڻ جو بيمو ڏنو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن فصلن جي ان??ورنس جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽر ثانيه نشتر ۽ پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيان گرديزي، وفاقي ان??ورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل ۽ ان??ورنس ڪمپنين جي سينيئر ايگزيڪيوٽوز پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ملڪ جي زرعي شعبي کي بچائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم ترجيحي بنيادن تي اخت??ار ڪيا وڃن. هن چيو ته ان??ورنس انڊسٽري سمورين ڌرين جي شموليت تي ٻڌل هڪ ٺوس ملڪ گير مشاورتي پروگرام شروع ڪري. عالمي سطح تي ڪامياب فصلن جي ان??ورنس ماڊلز جي نموني جي طور تي وٺي سگهجن ٿا. صدر چيو ته ملڪ جي زرعي يونيورسٽين سان سيمينارز ۽ تحقيق جي لاءِ تعاون کي فروغ ڏيڻ گ??رج??. يونيورسٽين سان تعاون سان ان??ورنس انڊسٽري کي پنهنجي پاليسي ۽ مصنوعات کي ٺوس تحقيق ۽ مستنند ڊيٽابيس تي ٻڌل بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته لاڳاپيل ڌريون 12.5 ايڪڙ يا ان کان گهٽ ايراضي جي مالڪ آبادگارن جي لاءِ ان??ورنس مصنوعات متعارف ڪرائين. صدر ان??ورنس انڊسٽري تي زور ڏنو اها سيمينارز ۽ ورڪشاپ ذريعي سمورين ڌرين تي ٻڌل هڪ ٺوس ملڪ گير مشاورت ۽ بحث جو پروگرام شروع ڪري. علائقائي ۽ عالمي ملڪن جي بهترين طريقن ۽ ڪامياب فصلن جي ان??ورنس ماڊلز کي بينچ مارڪ طور تي وٺڻ گ??رج?? ته جيئن هڪ وسيع مارڪيٽ تي ٻڌل ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس پاڻ پائي??ار فصل ان??ورنس پاليسي ت??ار ڪرڻ جي لاءِ معلومات حاصل ڪئي وڃي. هن چيو ته ملڪ جي زرعي يونيورسٽين سان سيمينارز ۽ ورڪشاپس منعقد ڪرڻ ۽ لاڳاپيل وس??ع تحقيقي ڪم جي ان??قاد ۾ به تعاون کي فروغ ڏيڻ گ??رج?? ته جيئن ان??ورنس ڌرين کي پنهنجي پاليسي ۽ مصنوعات کي ٺوس تحقيق ۽ مستنند ڊيٽابيس تي ٻڌل بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي. صدر ان??ورنس سيڪٽر ۽ ٻين ڌرين کي چيو ته اهي پاڪستان جي 93 سيڪڙو آبادگارن تي خصوصي ڌيان ڏين جن وٽ 12.5 ايڪڙ يا ان کان گهٽ زمين آهي، جڏهن ته اهي پنهنجي ان??ورنس پراڊڪٽس متعارف ڪرائين. هن چيو ته آبادگارن جي حصيداري کي فصلن جي اُپت يا پيداوار سان گڏ ڳنڍڻ گ??رج?? ۽ آبادگارن جي ڀلائي کي يقيني بڻايو وڃي. صدر چيو ته بئنڪن، ان??ورنس ڪمپنين ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ٽارگيٽيڊ ايرياز ۾ سيمينارز ۽ ورڪشاپس، ميلن ۽ روڊ شوز جو ان??قاد ڪري ۽ روايتي اشتهاري مهم ذريعي آگاهي مهم شروع ڪرڻ گ??رج??. سوشل ميڊيا به آبادگارن کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪري. صدر فصلن جي خرابي ۽ آفتن سان فصلن جي نقصان جي صورت ۾ آبادگارن کي ٿيندڙ نقصان کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنجاب فصل بيما پروگرام شروع ڪرڻ تي پنجاب حڪومت کي ساراهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ورلڊ بئنڪ جي قرض تي ٻڌل پائليٽ پروگرام ذريعي پنجاب جي 27 ضلعن جي 1.48 ملين آبادگارن کي فصل تباهه ٿيڻ جو بيمو ڏنو ويو آهي. اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته علائقائي ۽ عالمي ملڪن جي مقابلي ۾ ان??ورنس جو حصو گهٽ آهي ۽ ان کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.