اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثر??ن جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي اڏامن جي آمد جاري آهي، هيستائين 123 اڏامون متاثر??ن جي لاءِ امدادي سامان کڻي پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثر??ن جي لاءِ هيستائين گڏيل عرب امارات مان 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان هلائڻ واريون 13 اڏامون، ترڪمانستان مان هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 8، روس جي هڪ، يونان جي هڪ ۽ سعودي عرب جون 5 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثر??ن جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ٻين رستين ذ??يعي به امدادي سامان پهتو آهي. ايران جي حلال احمر پاڪستان کي ٽرڪن ذ??يعي 100 ٽن امدادي سامان موڪليو آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ ترڪيه 3 ريل گاڏ??ن جي ذريعي امدادي سامان پاڪستان موڪليو آهي. ان کانسواءِ ترڪيه جي حلال احمر 2 ٽرڪن ذ??يعي امدادي سامان موڪليو آهي. تاجڪستان 87 ٽرڪن ذ??يعي ٻوڏ متاثر??ن جي لاءِ امدادي سامان موڪليو آهي. عمان مان ٻوڏ متاثر??ن جي لاءِ هڪ سامونڊي ??هاز به امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتو آهي.