اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي ب??نڪ چيو آهي ته تازي بدترين ٻوڏ، مالياتي ۽ ٻاهرين ??دائيگين ۾ توازن لاءِ سخت گير پاليسين ??بب مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين ??هڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي ب??نڪ ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ لڪ 2022ع جي نالي سان شايع ٿيل رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2020ع ۾ 6 سيڪڙو واڌ جي باوجود هاڻوڪي بدترين ٻوڏ، مالياتي ۽ ٻاهرين ??دائيگين ۾ توازن لاءِ سخت گير پاليسين ??بب مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين ??هندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 2022ع ۾ مقامي گهرج ۾ اضافو، زراعت، خدمتن ۽ وڏين ??نعتن جي پيداوار ۾ نمايان واڌ سبب جي ڊي پي ۾ 6 سيڪڙو اضافو ممڪن ٿيو تنهن هوندي به 2023ع ۾ ماحولياتي رڪاوٽن، ڊبل ڊيجٽ ناڻي واڌ ۽ سخت مالي ۽ مالياتي پاليسي سبب پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي اڳڪٿي کي گهٽ رکيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي ب??نڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ين?? يي ٻڌايو ته تازي بد ترين ٻوڏ پاڪستان جي معاشي منظرنامي لاءِ وڏا خطرناڪ خدشا پيدا ڪيا آهن، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻوڏ کانپوءِ نئين ??ر تعمير ۽ بحالي جي سرگرمين لاءِ چڱي خاصي عالمي مدد ??اصل ٿيندي جنهن سان واڌ ۾ اضافي کان??وا??ِ سماجي ترقي ۽ معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2022ع ۾ گهرج ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن سان روزگار ۽ ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2022ع ۾ زراعت جي شعبي ۾ 4.4 سيڪڙو جي واڌ ٿي تنهن هوندي به ٻوڏ سبب ايندڙ سال ۾ ان شعبي ۾ وڏي واڌ جي اميد آهي. رپورٽ ۾ ناڻي واڌ جو دٻاءُ ۽ ان جي شرح 18 سيڪڙو تائين ??هڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.