اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) دنيا جي چئن مختلف ملڪن ۾ آزاد ۽ خودم??تي??ر خ??لص??ان رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ٿيل ريفرنڊم ۾ 2 لک 8 هزار سکن حصو ورتو ۽ ڀارت جي پنجاب کي آزاد ڪري اتي آزاد ۽ خودم??تي??ر خ??لص??ان رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهڙي قسم جي ريفرنڊم جي شروعات گذريل سال آڪٽوبر ۾ ٿ?? جيڪو برطانيا، جنيوا، اٽي ۽ ڪئناڊا ۾ ٿيو جنهن ۾ سک برادر?? جي وڏي انگ حصو ورتو ۽ تازو ٿيل مشق ڪئناڊا جي شهر برامپٽن ۾ 18 سيپٽمبر تي ٿي جنهن ۾ هڪ اندازي موجب هڪ لک 10 هزار سکن جيڪي بالغ آدمشماري جو 20 سيڪڙو آهن انهن آزاد ۽ خودم??تي??ر رياست جو مطالبو ڪيو.
پهريون خ??لص??ان ريفرنڊم 31 آڪٽوبر 2021ع تي برطانيا ۾ ٿيو هو جنهن ۾ 30 هزار سکن حصو ورتو هو ۽ جنيوا ۾ گذريل سال 10 ڊسمبر تي ٿيل ريفرنڊم ۾ 6 هزار ماڻهن آزاد رياست جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو جڏهن ته ساڳئي طرح اٽلي ۾ ٿيل ريفرنڊم ۾ 62 هزار سکن ۽ ڪئناڊا ۾ هڪ لک 10 هزار سکن حصو ورتو هو. ڪئناڊا ۾ ريفرنڊم سک فار جسٽس تنظيم پاران ڪرايو ويو هو، جيڪو سک اڳواڻ گرپت ونت سنگهه پنو جي اڳواڻي ۾ پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ ٿيو هو. جڏهن ته گرپت ونت سنگهه ميڊيا سان ڳالهين ۾ خ??لص??ان رياست جو نقشو پيش ڪندي چيو هو ته شملا ان جي گادي وارو شهر هوندو. اهڙي قسم جي ريفرنڊم کانپوءِ سک آزاد موومينٽ هاڻي مکيه ڌارا ۾ شامل ٿي وئي آهي.
ريفرنڊم دوران سک برادري ڀارت مخالف ۽ خ??لص??ان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي جڏهن ته خ??لص??ان جي حق ۾ نڪتل ريلي ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ڪارون شريڪ هيون. سک فار جسٽس سک برادري ۾ عالمي سطح تي سجاڳي آڻڻ جي لاءِ مهم هلائي رهي آهي، جيڪي ڀارت پاران مسلسل ظلم ۽ زيادتي جو شڪار آهن. جڏهن ته ڀارت تي ان حوالي سان دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهي سرڪاري طور تي اهڙي قسم جو ريفرنڊم ڪرائي
گڏيل قومن جي آرٽيڪل تحت ڪا به قوم پنهنجي حق جي لاءِ آواز اٿاري سگهي ٿي ۽ ان حوالي سان ريفرنڊم ۽ مظاهرا ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته ڀارت پاران ڪئناڊا جي حڪومت تي ريفرنڊم روڪڻ جي لاءِ سخت دٻاءُ وڌو ويو پر ڪئناڊا جي حڪومت ريفرنڊم اهو چئي روڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ايس ايف جي جو ريفرنڊم پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ آهي ۽ اهو ڪئناڊا جي قانون موجب ٿي رهيو آهي.
جڏهن ته ڀارت جي پرڏيهي کاتن واري وزارت پاران ريفرنڊم تي سخت اعتراض واريا ويا آهن ۽ ان کي دهشتگرد عنصرن پاران هلايل سياسي تحريڪ جو نالو ڏنو ويو آهي جڏهن ته ڀارت جي مکيه اخبارن ۽ ٽيليويزن چينلز پاران سک برادر?? جي پرامن جمهوري مظاهري کي ڪوريج ناهي ڏني وئي جڏهن ته ان کي منفي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته خ??لص??ان ريفرنڊم جي حق ۾ ووٽ وجهندڙ ڪيترن ئي سکن مطالبو ڪيو آهي ته آزاد خ??لص??ان رياست قائم ڪئي وڃي جڏهن ته هاڻي اها مهم آهستي آهستي ڀارت مان ٿيندي عالمي سطح تائين پهچي وئي آهي. هڪ تجزيه نگار موجب سک آزادي مهم هاڻي آهستي آهستي سک برادري ۾ مشهوري ماڻي رهي آهي. جڏهن ته وڊيو فوٽيجز ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي ته آزاد خ??لص??ان جي مهم هاڻي سکن ۾ جاءِ والاري رهي آهي. جڏهن ته ان حوالي سان ويجهي ماضي ۾ ٿيل ڪيترائي ريفرنڊم ۽ ماڻهن پاران ووٽ ڏيڻ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته هاڻي سک ڀارت ۾ پنهنجو هڪ جدا ملڪ چاهين ٿا. خ??لص??ان مهم 1980ع کان ڀارت پاران شروع ڪيل ظلمن کان آجپ?? جي لاءِ شروع ڪئي وئي آهي.