ڪراچي- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران وزيراعظم ميان محمد شھباز شريف جي ٻوڏ متاث?? خاندانن ۾ في خاندان 25 ھزار روپين جي مالي سھائتا جو اعلان ڪيو ويو جنهن تحت ھيل تائين 26 لک 3 هزار ٻوڏ متاثرن ۾ في خاندان 25 ھزار روپين جي حساب سان سڄي ملڪ اندر متاث?? خاندانن ۾ 65 ارب رپين کان وڌيڪ امدادي رقم ورهائجي چڪي آهي. بي آءِ ايس پي پاران ٻوڏ متاث?? خاندانن کي في خاندان 25 هزار رپين جي مالي مدد ڏ??ي وئي آهي اها رقم ٻوڏ متاثرن ۾ وزيراعظم ميان شھباز شريف جي پاڪستان جي فلڊ رليف ڪيش امداد تحت ورهائي پئي وڃي. سنڌ ۾ 18 لک خاندانن ۾ 45 ارب رپيا ورهايا ويا آهن.بلوچستان جي 2 لک کان وڌيڪ متاث?? خاندانن کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ امدادي رقم ڏ??ي وئي آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي 3لک متاث?? خاندانن کي 7 ارب 40 لک رپيا ادا ڪيا ويا آهن ۽پنجاب ۾ 3 لک 20 هزا?? خاندانن ۾ 8 ارب کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي. گلگت بلتستان جي 442 ٻوڏ متاث?? خاندانن کي 1 ڪروڙ 10 لک رپيا امداد فراهم ڪئي وئي آهي.بينظير انڪم سپورٽ پروگرام امدادي رقم جي فنڊز جي ورهاست ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي رهيو آهي.