اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران فلسطي??ي عوام جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطين جو پراڻو حل طلب تڪرار نه ص??ف اخلاقي لحاظ سان دنيا جي لاءِ هڪ سواليه نشان آهي پر عالمي امن تي ان جا اثر پون ٿا. فلسطي??ي عوام سان گڏ يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقع تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهو ڏ??نهن اسرائيل جي قبضي هيٺ زندگي گذارڻ واري فلسطي??ي عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي اجاگر ڪندو آهي. اسرائيل جو ظلم ۽ جابراڻا قدم، جنهن جو تازي تاريخ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي پر سزا کان ڇوٽ مليل آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطين جو پراڻو حل طلب مسئلو نه صرف دنيا جي لاءِ اخلاقي لحاظ کان هڪ سواليه نشان آهي پر عالمي امن تي به ان جا اثر پون ٿا. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن مُوجب ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو.