اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪوپ – 27 جي هائي ليول سيگمنٽ سعودي گ??ين انيشي ايٽو کي خطاب ڪيو ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي وڌندڙ آلو??گي تي ضابطو آڻڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ گ??ين پاڪستان پروجيڪٽ جي نمايان خصوصيتن کي اجاگر ڪيو جيڪو گ??ين فيوچر (ماحول دوست مستقبل) طرف سفر جي شروعات آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود جي وچ ۾ ”ڪوپ – 27“ سمٽ جي موقعي تي ملاقات پڻ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون.