اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو آهي ته ??اڪ??تان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي ب??نڪ جي مدد جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ اهو ڪردار مستقبل ۾ به جاري رهڻ گهرجي. هن اها ڳالهه عالمي ب??نڪ جي ڏکڻ ايشيا بابت علائقائي ڊائريڪٽر جان اي روم سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي ??اڪ??تان ۾ عالمي ب??نڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن به موجود هو. وفاقي وزير عالمي ب??نڪ طرفان ??اڪ??تان جي مسلسل مدد جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته 1950 کان وٺي هن وقت تائين عالمي ب??نڪ ??اڪ??تان کي 31.1 ارب ڊالر جي مالي مدد فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي مدد جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ هي ڪردار مستقبل ۾ به جاري رهڻ گهرجي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير تازي ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ عالمي ب??نڪ جي مدد کي ساراهيو ۽ چيو ته ??اڪ??تان مشڪل جي هن گهڙي ۾ عالمي ب??نڪ جي مدد کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته هن وقت عالمي ب??نڪ بنيادي ڍانچي، زراعت، ٻهراڙي ۽ شهري ترقي، انساني سرمائي، سماجي خدمتن ۽ پائيدار واڌ ۾ ??اڪ??تان جي مدد ڪري رهيو آهي. عالمي ب??نڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر اقتصادي معاملن واري وزارت جي موثر ۽ فعال ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ ??اڪ??تان ۾ عالمي ب??نڪ جي مستقبل جي منصوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن جو جائزو ورتو ويو. هن انهن منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد لاءِ رابطاڪاري کي موثر بڻائڻ تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته ان ??س ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت پنهنجي طريقيڪار کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته اقتصادي معاملن واري وزارت صرف معاهدن تي صحيحون نه ڪري پر انهن معاهدن تي تيزي سان عملدرآمد کي به يقيني بڻائي. اقتصادي معاملن واري وزارت ان ڳالهه کي به يقيني بڻائي رهي آهي ته منصوبن جي موثر نگراني ٿئي ۽ فنڊن جو موثر ۽ بهتر استعمال يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته غير ملڪي مدد سان هلندڙ منصوبن جي نگراني لاءِ رابطاڪاري جي ??س ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو قيام عمل ۾ اندو ويو آهي. ان موقعي تي اقتصادي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري چيو ته دير جو شڪار منصوبن تي تيزي سان اڳڀرائي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته ان مقصد لاءِ و??ارت ۾ طريقيڪار جوڙي ورتو آهي. سيڪريٽري ٻڌايو ته منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي حوالي سان اقتصادي معاملن واري وزارت جي ٽيم عالمي ب??نڪ جي ٽيم سان موثر رابطي ۾ آهي.