اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل اي??دڙ سال 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿي??دڙ ڪلائيميٽ ريزيلينٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪندا، پاڪستان ۽ تاجڪستان عالمي ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل اي??دڙ سال 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿي??دڙ ڪلائيميٽ ريزيلينٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪندا، پاڪستان ڪانفرنس ۾ ملڪ ۾ اي??دڙ تباهي آڻي??دڙ ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير، بحالي ۽ اڳتي ان کان بچاءُ بابت فريم ورڪ پيش ڪندو جيڪو ٻوڏ اچڻ کانپوءِ تباهي جي ڪاٿي (پوسٽ ڊيزاسٽ?? اسسمنٽ) تي ٻڌل آهي جنهن کي 28 آڪٽوبر 2022ع کي شروع ڪيو ويو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿي??دڙ نقصانن ج?? ڪاٿو 14.9 ارب ڊالر جڏهن ته 15.2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ان کانسواءِ آهي، پاڪستان کي ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير جي لاءِ 16 ارب ڊال کان وڌيڪ رقم جي ضرورت آهي. ترجمان چيو ته اها ڪانفرنس تباهي آڻي??دڙ ٻوڏ کانپوءِ ٻيهر بهتر نئين سر تعمير جي لاءِ مدد جي لاءِ عالمي برادري کي متحرڪ ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي ڪانفرنس جي لاءِ ڊونر ملڪن، عالمي مالياتي ادارن ۽ ٻين ترقياتي حصيدارن کي دعوتناما موڪلي ڇڏيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان تاجڪستان ج?? صدر امام علي رحمان ج?? پاڪستان ج?? دوري جي حوالي سان چيو ته تاجڪستان ج?? صدر امام علي رحمان پاڪستان ج?? ٻن ڏينهن سرڪاري دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفدن ج?? سطح تي ٺوس ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، وزيراعظم گذريل رات تاجڪ صدر جي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏنو جڏهن ته هن ڪالهه خميس ڏينهن صبح دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ملاقاتن دوران ڌرين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته ٻطرفي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي معاهدي کي جلد کان ج??د حتمي شڪل ڏني ويندي. ترجمان چيو ته صنعت ۽ نئين ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گذريل ڏينهن ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون ج?? ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ، منشيات جي اسمگلنگ جي روڪٿام، اليڪٽرانڪ ڊيٽا انٽرچينج جي قيام تي ڪسٽم عملدارن ج?? وچ ۾ تعاون، پاڻي وسيلن ۾ تحقيق ۽ تعليم جي شعبي ۾ تعاون شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ٻنهي ڌرين هڪ ٺوس گڏيل بيان پڻ جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ مفاهمت جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي، ڌرين واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، توانائي، تعليم، ثقافت ۽ سياحت ۽ موسمياتي تبديلي جي مسئلن ۾ تعاون ج??ن نيون راهون ڳوليندا. هن عالمي ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ترجمان چيو ته ڌرين ڪاسا – 1000 جهڙي رابطي جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو آهي جيڪو مستقبل ۾ توانائي جي لنگهه لاءِ نيون راهون کوليندو. هن چيو ته پاڪستان ڪواڊريليٽرل ٽريفڪ ان ٽرانزٽ ايگريمنٽ جي تاجڪستان ج?? ميمبرشپ جي لاءِ پڻ حمايت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته تاجڪستان وچ ايشيا ۾ اسان ج?? ويجهو پاڙيسري هجڻ جي ناطي پاڪستان ج?? لاءِ هڪ اهم حصيدار آهي، هن يقين ظاهر ڪيو ته وزيراعظم جو اي??دڙ سال دوشنبي جو دورو ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ تعاون ۽ افهام ۽ تفهيم کي اڳتي وڌائيندو.