اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناروي سان واپار، ڪاروبار، سيڙپڪاري، ماحول دوست توانائي، تعليم، هنرمند، دفاع ۽ روانگي واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي روايتي ۽ غيرروايتي روانگي واپار کي فروغ ڏئي ان ??و موجوده ڪاٿو 128.404 ملين ڊالر کان وڌائي سگهجي ٿو. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ناروي جي ل??ءِ پاڪستان ??ي نامزد سفير سعديه الطاف قاضي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته نامزد سفير ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان فعال طور تي رابطو برقرار رکي ۽ ڪونسلر خدمتن فراهم ڪري. صدر چيو ته سفير ٻنهي ملڪن جي يونيورسٽين ۽ ادارن جي وچ ۾ تعليمي، سائنسي، صنعتي تحقيق ۽ ترقي ۽ تعاون جي ميدان ۾ بامعنيٰ ۽ قابل عمل موقعا ڳولي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ناروي جي پينوراما حڪمت عملي 2021 – 2027ع تحت تعليمي تعاون کي وڌائڻ جي ل??ءِ ترجيحي ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ جي ل??ءِ پڻ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته نامزد سفير يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن سان واپاري معاهدي تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ گڏيل منصوبن جي ل??ءِ ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطو پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران مسلسل ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي ض??ورت آهي. صدر چيو ته اقليتن سان ??متيازي سلوڪ، ڌمڪيون، هراسان ڪرڻ ۽ اقليتن کي پٺتي ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي پڻ اجاگر ڪرڻ جي ض??ورت آهي. هن چيو ته ڀارت اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي جان ۽ مال کي شديد خطرن ۾وجهي رهيو آهي.