اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ??ين خنجراب بارڊر کي ٻن مرحلن ۾ عارضي طور کولڻ تي اتفاق ڪيو آه??. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ خنجراب بارڊر ٻن ڏينهن جي لاءِ 19 ۽ 20 جنوري تي ۽ ٻئي مرحلي ۾ هن سال جنوري جي آخر کان فيبروري جي شروع تائين ??ين جي بهار جي تهوار کانپوءِ کلندو. پاڪستان ۽ ??ين جي وچ ۾ خنجراب بارڊر هر سال سردين جي مهينن ۾ بند رهي ٿو. ??ين مقامي واپارين جي سهولت لاءِ سرحد کي عارضي طور ٻيهر کولڻ جي پاڪستاني درخواست تي اتفاق ڪيو آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان خراب موسمي حالتن جي باوجود بارڊر آپريشنز کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي سرحدي عملدارن جي خصوصي ڪوششن کي ساراهيون ٿا.