اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ايم يوٿ لون اسڪيم جي ڪارڪردگي ۽ ڪم جي رف??ار کي جانچڻ جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪ??دي 30 جون 2023ع تائين پي ايم يوٿ لون اسڪيم ذريعي 30 ارب رپين تائين قرضن جي فراهمي جو هدف پورو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته نوجوان پاڪستان جو اثاثو آهن، جن جي ڀلائي سان ملڪي ترقي واڳيل آهي، نوجوانن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هو پرائيم منسٽر يوٿ لون اسڪيم جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرائيم منسٽر يوٿ لون اسڪيم جي ??يس??ائين جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائي??دي وزيراعظم چيو ته حڪومت نوجوانن ۾ انٽرپرينيورشپ ۽ روزگار جي حوالي سان خاطرخواهه قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ نوجوانن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي کي به يقيني بڻايو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته نوجوان آبادي پاڪستان جو اثاثو آهن، جن جي ڀلائي سان ملڪي ترقي واڳيل آهي. پاڪستاني نوجوانن ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي، اسان جي باصلاحيت نوجوانن جا جذبا بلند آهن، وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته اسان جا نوجوان ملڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومتي ۽ نجي شعبن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏجي اهي ملڪ کي درپيش چئلينجن مان ڪڍيو وڃي. وزيراعظم پي ايم يوٿ لون اسڪيم جي ڪارڪردگي ۽ ڪم جي رف??ار کي جانچڻ جي لاءِ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، جنهن جي سربراهي ۾ وزيراعظم پاڻ ڪندو. ڪميٽي ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار به شامل هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پرائيم منسٽر يوٿ لون اسڪيم جو بنيادي مقصد نوجوانن ۾ انٽرپرينيورشپ جو فروغ ۽ انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. هن اسڪيم ذريعي 2013ع کان ??يس??ائين 54 هزار ماڻهن کي 73.55 ارب رپين جو قرض فراهم ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ايم يوٿ لون اسڪيم جو موجوده پورٽل جي باقاعده شروعات 24 جنوري 2023ع تي ڪئي وئي، ان اسڪيم تحت 18 کان 45 سال جا ماڻهو 45 ڏينهن جي اندر آسان شرطن تي قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. ان اسڪيم ۾ 25 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 30 جون 2023ع تائين ان اسڪيم تحت 30 ارب رپين تائين جا قرض فراهم ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. اجلاس ۾ شريڪ بئنڪن ۽ مائ??ڪر?? فنانس جي ادارن جا سربراهه پي ايم يوٿ لون اسڪيم جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ سمورا هدف مقرر مدي جي اندر پورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائين. وزيراعظم 30 جون 2023ع تائين پي ايم يوٿ لون اسڪيم ذريعي 30 ارب رپين تائين جا قرض فراهم ڪرڻ جي هدف کي پورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پي ايم يوٿ لون اسڪيم جي حوالي سان سمورن آپريشنل مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي تاڪيد ڪ??دي ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي، جنهن ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خصوصي صلاح??ار شزه فاطمه، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي س??ڪر??ٽري، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي س??ڪر??ٽري، اخوت فائونڊيشن جو باني امجد ثاقب، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر، نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، بئنڪ آف پنجاب، حبيب بئنڪ لميٽيڊ، زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ ۽ بئنڪ الفلاح لميٽيڊ جا صدر شامل هوندا. اجلاس ۾ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خصوصي صلاح??ار شزه فاطمه، بئنڪن ۽ مائ??ڪر?? فنانس ادارن جي صدرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.